ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ انٽرميڊئيٽ جي امتحانن جا نتيجا جاري نه ٿيڻ سبب شاگرد بيچيني جو شڪار ٿي ويا.
تازو انٽرميڊئيٽ جي امتحانن جي نتيجن جي مقرر تاريخ سامهون نه اچڻ سبب شاگردن ۽ والدين ۾ بيچيني پکڙجي وئي.
ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين ذوالفقار علي شاهه چيو ته انٽرميڊيٽ پري ميڊيڪل جو نتيجو سيپٽمبر جي آخر ۾ اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته انٽرميڊيٽ آرٽس ۽ ڪامرس جو نتيجو آڪٽوبر مهيني جي وچ ۾ يا وري آخر ۾ اچڻ جو امڪان آهي.
You might also like