ڊارٿ ويڊر ۽ مفاسا کي آواز ڏيندڙ اداڪار جيمز ارل جونز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ )اسٽارز وارز جي ڊارٿ ويڊر ۽ لائن ڪنگ جي مفاسا کي آواز ڏيندڙ مشهور اداڪار جيمز ارل جونز 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
جيمز ارل جونز پنهنجي آواز جو جادو جڳائڻ سان گڏوگڏ اڻڳڻين هالي ووڊ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاريا، سندس مشهور فلمن ۾ روٽس، ڪمنگ ٽو آمريڪا، دا هنٽ فار ريڊ آڪٽوبر جهڙيون فلمون شامل آهن، ان کانسواءِ کيس ٿيٽر سان خاص لڳاءُ رهيو.
جيمز ارل جونز جي اعليٰ ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ کيس هڪ آسڪر، هڪ گريمي،ٽن ايمي ۽ ٽن ٽوني ايوارڊز سان نوازيو ويو.
جيمز ارل جونز ڪيترن ئي ٽي وي اشتهارن لاءِ به صداڪاري ڪئي ۽ ڪيئي ورهين تائين مشهور آمريڪي خابرو اداري سي اين اين سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل پنهنجي ٽيگ لائين جو به استعمال ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.