يو ايس ماسٽرز ٽي ٽين ليگ، ڪهڙا پاڪستاني رانديگر ايڪشن ۾ هوندا؟

يو ايس ماسٽرز ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ٻئي سيزن ۾ پاڪستاني اسٽار ايڪشن ۾ نظر ايندا.
يو ايس ماسٽرز ٽي ٽين سيزن ٽو 8 نومبر کان 17 نومبر تائين ٽيڪساس ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان طرفان اڳوڻو ڪپتان محمد حفيظ، شعيب ملڪ، ڪامران اڪمل ۽ رومان رئيس سميت ٻيا ميگا ايونٽ ۾ حصو وٺندا.
ٻئي پواسي ڀارت جو هرڀجن سنگهه، سريش رائنا، ويسٽ انڊين ٽيم جو جڳ مشهور آل رائونڊر ڊوائن براوو ۽ اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ جهڙا رانديگر به يو ايس ماسٽرز ٽي ٽين ۾ شامل آهن.
پاڪستاني رانديگر ڪهڙين ٽيمن ۾ شامل آهن
ڪيليفورنيا بولٽس پاڪستاني ڪرڪيٽر حسين طلعت کي ۽ ڊيٽرائٽ فالڪنز قومي فاسٽ بالر عمران خان جونيئر کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو آهي.
نيويارڪ واريئرز جي ٽيم ۾ محمد حفيظ، سهيل تنوير، مصباح الحق، سهيل خان ۽ عميد آصف شامل آهن، ان کانسواءِ شعيب ملڪ ۽ محمد عرفان ايٽلانٽا رائيڊرز جي ٽيم طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.