پاڪستانين جي اڄڪلهه پسنديده جوڙي دُرِفشان ۽ بلال عباس جي عروسي جوڙن ۾ نين تصويرن ۽ وڊيوز مداحن کي خوشي ۽ تجسس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
ڪاميابين جا نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ پاڪستاني ڊرامي ” عشق مرشد“ ۾ بلال عباس سان گڏ دُرِفشان سليم کي مک ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو هو ۽ ٻنهي جي اسڪرين تي جادوئي ڪيمسٽري سڀني کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو هو.
جتي ڊرامي جوڙي کي پسند ڪيو ويو اتي ڊرامي جي آخري قسط جي پريميئر جي موقعي تي ٻنهي اسٽارز ۾ وڌندڙ ويجهڙايون سندن حقيقي زندگي ۾ هڪ ٿيڻ طرف اشارو ڪري رهيون هيون.
پريميئر لاءِ تيار ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي هڪ رومانوي فوٽو شوٽ پڻ ڪرايو جنهن ۾ مداحن کي ٻنهي جون اکيون محبت ۾ ٻڌل نظر آيون.
مداحن جي خواهش آهي ته بلال عباس ۽ درفشان جي جوڙي هڪ ٿي وڃي پر ٻنهي اداڪارن اڃا تائين پنهنجي لاڳاپن بابت ڪنهن به قسم جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.
جيتوڻيڪ مداحن کي ٻنهي جي شادي جي خبر ٻڌڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو ته پر چاهيندڙ جي اِها خواهش پوري ٿي چڪي آهي ڇو ته ٻئي ڪنهن نئين پروجيڪٽ گڏ نظر ايندا.
You might also like