سپريم ڪورٽ عمران خان کي بدنيت قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (معظم فخر): سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي درخواستن کي رد ڪندي کيس وڏو ڌڪ پهچايو آهي. هن ڪيس جي فيصلي ۾ اهو به ثابت ٿي ويو ته سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس اطهر من ﷲ سڌي رستي تي اچي عمران خان خلاف فيصلي ۾ شامل ٿي ويو. نيب ترميمن کي رد ڪرڻ تي ڪنهن به جج اعتراض نه ڪيو ۽ بئنچ ۾ شامل سڀني 5 ججز يڪراءِ فيصلو ڏنو. فيصلي ۾ جسٽس اطهر من الله آئين ۽ پارليامنٽ جي قانون سازيءَ جي اختيار جي به مڪمل حمايت ڪئي آهي. جسٽس اطهر من الله جو ڪيس جي فيصلي سان متفق هجڻ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. تجزيه نگارن سوال اٿاريو آهي ته ڇا جسٽس اطهر من الله عمران خان جي ڪئمپ ڇڏي ڏني آهي؟ سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي سان عمران خان جي ڪيسن ۾ فائدو ٿيندو ۽ سندس خلاف هلندڙ توشاخانا ٽو ڪيس هاڻي نيب کان ايف آءِ اي حوالي ٿيندو، جهڪو عمران خان لاءِ سٺو رليف آهي. سپريم ڪورٽ  نيب ترميمن کي عمران خان جي بدنيتي قرار ڏنو آهي. شايد عمران خان واحد سياستدان هوندو، جنهن کي ترميمن جو ذميوار قرار ڏئي "بدنيت” لقب ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.