راولپنڊي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکندا. ي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي مک تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جي شهيدن جي پونئرن سان مخاطب آهيان، هي ڏينهن شهيدن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو، شهيدن وطن جي آزادي ۽ تحفظ لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪيو، وطن لاءِ جان قربان ڪندڙن کي جيتري به ڀيٽا پيش ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو ملڪ آهي ۽ ڪيترن ئي تهذيبن جو سنگم آهي، ان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي اسان سڀني جي ذميواري آهي ۽ ناقابل شڪست دفاع اسان جي پهرين ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ ڪنهن به پاڙيسري جي خلاف اڳرائي جو ارادو نٿو رکي، پاڪستان هميشه دهشتگردي، بدامني جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکندا، يقين رکو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين.