رنسن جا انبار لڳائيندڙ بابر اعظم جي بيٽ کي زنگ ڪئين لڳو؟

هڪ وقت هو جڏهن بابر اعظم جو ڳاڻيٽو نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي بهترين بيٽرز ۾ ٿيندو هو ۽ سندس ڪارڪردگي ۾ رنسن جو تسلسل هو پر هاڻ 16 اننگز گذري ويون، بابر کان هڪ ففٽي به اسڪور نه ٿي سگهي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين بيٽر بابر اعظم اڄڪلهه پنهنجي ڪيريئر جي خراب ترين دور مان گذري رهيو آهي.
بابر اعظم پونئن 16 ٽيسٽ اننگز ۾ هڪ ففٽي به اسڪور ناهي ڪري سگهيو جنهن سبب هو راولپنڊي ٽيسٽ جي پڄاڻي تي آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ جي ٽاپ 10 بيٽرن جي لسٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، هو چار سال اٺ مهينن تائين ٽاپ ڏهن بيٽرز ۾ شامل رهيو.
بابر اعظم 16 ٽيسٽ اننگز ۾ 20 ڏهائي 68 جي ايوريج سان رڳو 331 رنسون ٺاهيون آهن، هي اِهو ئي بابر اعظم آهي جيڪو ڪنهن وقت پاڪستان لاءِ رنسون ٺاهڻ جي اڪيلي اميد هيو.
بابر اعظم جي آئوٽ آف فارم ٿيڻ سبب رينڪنگ ۾پوزيشن ڊائون ٿي، اڄ هو 1726 ڏينهن تائين آءِ سي سي جي ٽاپ ڏهن بيٽرن جي لسٽ ۾ رهڻ کانپوءِ ٻاهر ٿي ويو آهي.
بابراعظم پهريون ڀيرو 15 ڊسمبر 2019ع تي آءِ سي سي جي ٽاپ ٽين بيٽرز جي لسٽ ۾ شامل ٿيو جنهن کانپوءِ سندس ترقيءَ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هو مستقل ٽاپ 10 پوزيشن ۾ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.