ڪراچي: راشدي ڳوٺ تي پوليس جي چڙهائي، جهڙپون، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نيو راشدي ڳوٺ ۾ سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ جو جواز ڄاڻائي پوليس گهرن تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ڊي سي ملير جي حڪم تي پوليس جي وڏي نفري نيو راشدي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن پاران پنهنجا گهر بچائڻ لاءِ سخت مزاحمت ڪئي وئي.
ان دوران جهڙپن ۾ 10 ڳوٺاڻا ۽ ٻه پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس اهلڪارن طرفان گهرن کي باهه ڏني وئي.
ٻئي پاسي اي سي ايئرپورٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته 22 ايڪڙ زمين سرڪاري آهي، جنهن تي قبضو ڪيو ويو هو، جيڪو پوليس جي مدد سان ختم ڪرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.