انسٽاگرام اسٽوريز لاءِ ڪمنٽس جو نئون فيچر واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
ان فيچر جي مدد سان واهپيدار انسٽاگرام اسٽوريز ۾ اهڙي تبصرا ڪري سگهندا جيڪي مخصوص وقت کانپوءِ پاڻمرادو ڊلييٽ ٿي ويندا.
ان کان اڳ به انسٽاگرام اسٽوريز ۾ تبصرا ڪرڻ ممڪن هو،پر تبصرا پرائيويٽ پيغام بڻجي ويندا هئا ۽ رڳو اسٽوري پوسٽ ڪرڻ وارن کي نظر ايندو هئا.
هاڻ انسٽاگرام اسٽوريز ۾ سڌي ريت ڪمنٽس جو اضافو ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي واهپيدارن جا جذبا ٻيا ٻيا ماڻهو به ڏسي سگهندا.
پر هڪ اسٽوري تي مخصوص ماڻهو تبصرا ڪري سگهندا يعني رڳو اهڙا واهپيدار ئي تبصرو ڪري سگهندا جيڪي اسٽوري پوسٽ ڪرڻ واري جا فالوورز هوندا يا اهڙا ماڻهو به ڪمينٽ ڪري سگهندا جن کي اسٽوري پوسٽ ڪرڻ وارو فالو ڪري رهيو هوندو.
انسٽاگرام اسٽوريز جيان تبصرن جي حياتي/مدو به چويهه ڪلاڪن تائين هوندو.
انسٽاگرام جي هڪ ترجمان موجب، واهپيدارن وٽ ڪنهن به اسٽوري تي ڪمنٽس کي ٽرن آن يا آف ڪرڻ جو آپشن هوندو.
ڪمپني طرفان اِهو ناهي ٻڌايو ويو ته چويهه ڪلاڪن کانپوءِ ڪمنٽس آرڪائيو ۾ منتقل ٿي ويندا يا مڪمل طور غائب ٿي ويندا.
You might also like