راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا.
190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته ادارو سڀني جو آهي رڳو آرمي چيف جو نه، پوري قوم لاءِ اهم آهي ته ادارو مضبوط ٿئي، جيڪو ڪم دشمن نه ڪري سگهيو اِهو هو پاڻ ڪري اداري کي نقصان رسائي رهيا آهن، ادارن تي ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهو ويهاريا ويندا ته قوم تباهه ٿي ويندي.
هن چيو ته بنگلاديش جهڙي ٽيم به پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو ان کان بدترين شڪست ٻي ڪهڙي هوندي، اهڙو ڪهڙو ايٽم بم ڦاٽو جو ٽن سالن اندر اسان جي ڪرڪيٽ بنگلاديش کان هيٺ هلي وئي ۽ تباهه ٿي وئي؟
هن چيو ته اوهان سفارشي ويهاري ڇڏيا محسن نقوي جي ڪهڙي قابليت آهي، وڏي صاحب پنهنجو پي سي بي چيئرمين رکي ڇڏيو جيڪو بدعنوان ۽ ٺڳ آهي.
عمران خان چيو ته محسن نقوي چونڊن ۽ ڪڻڪ جو فراڊ ڪيو، وڏي صاحب کيس گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين بڻايو، هن ڪرڪيٽ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي، رميز راجا منهنجو مٽ نه هو هڪ پروفيشنل ڪرڪيٽر هو جنهن کي چيئرمين بڻايو.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چيف جسٽس اڌائي مهينن کان نيب ترميمن بابت اپيل جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، انتظار ڪيو پيو وڃي ته مون کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ملي ته هو نيب ترميمن جو فيصلو ٻڌائي، نيب ترميمن خلاف اپيل سبب شهباز شريف جا چار، نواز شريف جا پنج، زرداري ۽ سندن فرنٽ مينز جا نوَ ريفرنسز فريز آهن.
هن چيو ته نيب القادر ٽرسٽ يونيورسٽي جو وڏو بند ڪري ڇڏيو ته جيئن يونيورسٽي بند ٿي وڃي جيڪڏهن القادر يونيورسٽي بند ٿي وئي ته منهنجو ڪو نقصان نه ٿيندو، شوڪت خانم اسپتال بند ٿي وئي ته مريضن کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ خرچ ڪري علاج ڪرائڻو پوندو.
عمران خان چيو ته مون کي سيل ۾ اڪيلو رکيو ويو آهي، رڳو ٽن ملاقاتن کان سواءِ سيل ۾ اڪيلو رهندو آهيان، منهنجو سيل تندور بڻجي ويندو آهي ڪڏهن ناهي چيو ته ڏکيائيون آهن، پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي هو سپريم ڪورٽ تي حملا ڪري رهيا آهن، رڳو سپريم ڪورٽ ئي هڪ سڃاڻپ بچي آهي هاڻي هو ان کي تباهه ڪرڻ وڃي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
You might also like