اختر مينگل سان پي ٽي آءِ ۽ نون ليگ وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ۽ نون ليگ جي وفدن سردار اختر مينگل سان ملاقات ڪري استعيفيٰ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ وفد بئريسٽر گوهر جي سربراهي ۾ اختر مينگل سان ملڻ لاءِ پارليامينٽ لاجز پهتو، وفد ۾ اسد قيصر، رئوف حسن ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ وفد طرفان اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺڻ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ پارليامينٽ ۾ اڳتي وڌو.
پارليامينٽ لاجز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته اختر مينگل سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران اختر مينگل استعيفي تي نظرثاني جي خاطري ڪرائي آهي، پنج وڳي اسان جي اتحاد جو اجلاس آهي.
ٻئي پاسي ن ليگ وفد به اختر مينگل سان ملاقات لاءِ پارليامينٽ لاجز پهتو، وفد ۾ راڻا ثناءُ الله، طارق فضل چوڌري، عثمان باديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل آهن.
ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته اختر مينگل جي جيڪا به ڪاوڙ آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين .
ذريعن موجب، حڪومتي وفد سردار اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جي درخواست ڪندي بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
سردار اختر مينگل پارليامينٽ ۾ بلوچستان جي مسئلي تي بحث نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مونکي اسيمبلي جي فلور تي ڳالهائڻ جو موقعو ناهي ڏنو ويندو، بلوچستان جون حالتون هٿن مان نڪري رهيون آهن ۽ ڪنهن به ڳڻتي ڪونهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.