ليٽي موبائيل فون استعمال ڪرڻ وڏو خطرناڪ!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موبائيل فون اڄ ڪلهه سڀ ڪنهن وٽ هوندي آهي ۽ ماڻهو هر هنڌ ڪنهن به وقت موبائيل استعمال ڪندا رهندا آهن.

ڪجهه ماڻهن موبائيل فون جو وڌيڪ استعمال ڪندا آهن ۽ سمهندي وقت يا بيڊ تي ليٽي ڪيترائي ڪلاڪ موبائيل فون هلائيندا آهن.

موبائيل فون جي حد کان وڌيڪ استعمال جا نقصان ته اڳ به ٻڌايا ويا آهن پر نئين تحقيق ۾ ليٽي موبائيل فون هلائڻ کي به نقصانڪار قرار ڏنو ويو آهي.

ڪيليفورنيا يونيورسٽي موبائيل فون جي استعمال بابت خبردار ڪيو ته اهو جسم ۽ دماغ لاءِ نقصانڪار آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اسمارٽ فون جي اسڪرين مان خارج ٿيندڙ شعاع اکين کي متاثر ڪن ٿا ۽ دماغ کي جاڳڻ تي مجبور ڪن ٿا.

تحقيق موجب جيڪڏهن اوهان جي ننڊ متاثر ٿئي ٿي ته اوهان رڳو 5 کان 6 ڪلاڪ سمهي سگهو ٿا ان جي نتيجي ۾ ننڊ جسم مان جيڪي زهريلا مادا صاف ڪندي آهي انهن جو صفايو نٿو  ٿئي.

پوءِ اهي زهريلا اثر جسم ۾ موجود رهن ٿا ۽ اوهان ۾ ڌيان ڏيڻ واري صلاحيت ڪمزور ٿي وڃي ٿي، ويسر وڌي وڃي ٿي ۽ يادداشت به گهٽجي ٿي.

اهي شعاع دماغ کانسواءِ اکين لاءِ به نقصانڪار آهن، جڏهن ته گهٽ ننڊ سبب شگر، بلڊ پريشر جهڙا مرض به ٿي سگهن ٿا.

ان لاءِ ضرورت کان وڌيڪ موبائيل فون جي استعمال کان پاسو ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.