خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ هٿيار ۽ شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
سول جج شائسته خان ڪنڊي علي امين گنڊاپور خلاف هٿيار ۽ شراب هٿ اچڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران علي امين گنڊاپور جو وڪيل ظهير الحسن راجا عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جج پڇاڻو ڪيو ته جوابدار ڪٿي آهي، صبح کان ٽي دفعا ڪيس ڪال ٿيو پر جوابدار اڃا تائين پيش ناهي ٿيو، جنهن تي مددگار وڪيل عطاءُ الله برڪي طرفان ٻڌايو ويو ته پشاور ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي.
جج علي امين گنڊاپور جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي اوهان جيڪو انڊر ٽيڪنگ ڏنو هو اِهو اوهان کي ياد آهي؟ جنهن تي وڪيل ظهور الحسن جواب ڏنو ته علي امين گنڊاپور جي طبعيت ناساز آهي انڪري سندس ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائي پئي وڃي، جج چيو ته اوهان جو مددگار وڪيل چئي رهيو آهي ته پشاور ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي جڏهن ته اوهان چئو پيا ته طبعيت ناساز آهي.
جج شائسته خان ڪنڊي چيو ته هن گذريل ٻڌڻي تي به رليف ڏنو هو، وڪيل ظهور الحسن راجا چيو ته پنج ڪيس هئا جن مان فارغ ٿي عدالت ۾ پيش ٿيو آهي ۽ سندن بريت جي درخواست التوا هيٺ آهي.
جج طرفان چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي ججمينٽ موجود آهي ته ڪيس آخري مرحلي ۾ هجي ته بريت ڏانهن ناهي وڃڻو پر ميرٽ تي فيصلو ڪرڻو آهي، اٺون ڀيرو 342 وارو بيان رڪارڊ ناهي ٿيو ۽ وري چئو ٿا ته فيئر ٽرال جو حق نه ٿو ملي، جنهن تي وڪيل چيو ته اِها زيادتي آهي، جوابدار هڪ صوبي جو وڏو وزير آهي، اوهان سخت آرڊر پيا ڏيو، جج چيو ته جيڪڏهن ڪيس ۾ ڪجهه نه آهي ته بهادر جو مظاهرو ڪريو ۽ عدالت کي منهن ڏيو.
ان کانپوءِ عدالت علي امين گنڊاپور جي طبي بنيادن تي ڪيس ۾ پيش ٿيڻ کان معافي جي درخواست رد ڪندي بهارا ڪهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي سڀاڻي علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري عدالت جي روبرو پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.