لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ٽيسٽ اسڪواڊ ۽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل قومي ڪرڪيٽرن کي سخت فٽنس ٽيسٽ مان گذرڻو پوندو.
ذريعن موجب، ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ جي ميمبرن ۽ ڪجهه سينٽرل ڪانٽريڪٽڊ ڪرڪيٽرز جي فٽنس ٽيسٽ 7 کان 9 سپٽيمبر تي لاهور ۾ ورتي ويندي.
پي سي بي طرفان فٽنس ٽيسٽ کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ سان مشروط ڪيو ويو آهي ۽ سخت فٽنس سبب قومي پريشاني جو شڪار آهن جڏهن ته انهن ٽيسٽ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.
ان کانسواءِ ٽيسٽ پاس ڪرڻ لاءِ معيار سٺ سيڪڙو ڪيو ويو آهي جيڪو عالمي سطح تي پنجاهه سيڪڙو قرار ڏنو ويندو آهي، فٽنس ٽيسٽ ۾ بنچ پريس، اسڪن فولڊ، بنچ پل اسڪواٽ ۽ جمپ شامل آهن.
ٻه ڪلوميٽر ٽرائل رن مڪمل ڪرڻ لاءِ 8 منٽن جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن رنسن لاءِ ڏهه سيڪنڊن جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي، 30، 30 سيڪنڊن جي وقفي سان 6 ڀيرا ٽن رنسن لاءِ ڊوڙڻو پوندو، ڊوڙ ۽ ٽن رنسن لاءِ مقرر ڪيل وقت رانديگرن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي طرفان فٽنس ٽيسٽ جي نتيجي کانپوءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جو 25 تائين رکڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته گذريل سال ٽيهه رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو هو ۽ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڪيئي رانديگر ڪانٽريڪٽ کان محروم ٿي ويندا، نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ نون رانديگرن کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
You might also like