فوج ۾ ڪوبه فرد سخت احتسابي عمل کان مٿانهون ناهي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته فوج هڪ منظم ادارو آهي جنهن جي هر شخص جي وفاداري ملڪ ۽ پاڪ فوج سان آهي ۽ ڪنهن کي به احتساب کان ڇوٽ حاصل ناهي. فوج ۾ موجود ڪڙي احتسابي نظام تي عملدرآمد اداري جي استحڪام لاءِ لازمي آهي، ڪوبه فرد احتساب جي عمل کان مٿانهون ناهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. جنهن ۾ شهيدن کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. فورم پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي شهيدن، ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين جي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته خطي جي صورتحال، قومي سلامتي کي پيش ايندڙ چئلينجز ۽ وڌندڙ خطرن جي جواب ۾ آپريشنل حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ ۾ خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرگرم ملڪ دشمن قوتن، ناڪاري ۽ شرپسند عنصرن ۽ سندن پاڪستان مخالف اندرن ۽ ٻاهرين سهولتڪارن جي سرگرمين ۽ ان جي رستا روڪ لاءِ کنيل اپائن تي به غور ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرن ان ڳالهه جو وچن ڪيو ته پاڪ فوج عوام جي حمايت سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏيندي. فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوج هڪ منظم ادارو آهي جنهن جي هر فرد جي پيشيوراڻي مهارت ۽ وفاداري رڳو رياست ۽ پاڪ فوج سان آهي، پاڪ فوج مضبوط عزم سان هڪ مضبوط ۽ سخت احتساب ذريعي پنهنجي قدرن جي پاسداري ڪري ٿي جنهن ۾ ڪنهن قسم جي جانبداري ۽ ڇوٽ جي ڪا گنجائش ناهي هوندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جو وچن به ڪيو ويو ته فوج ۾ موجود سخت احتسابي نظام تي عملدرآمد اداري جي استحڪام لاءِ لازمي آهي ۽ ڪو به فرد ان عمل کان مٿانهون ۽ آجو نٿو ٿي سگهي. ان موقعي تي آرمي چيف هڪ مضبوط ۽ اثرائتي قانوني نظام جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن، ڏڦيڙين ۽ ڏوهاري مافيائن خلاف ضروري ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۾ حڪومت، انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جامع سهڪار فراهم ڪندي رهندي. فورم دهشتگرد نيٽ ورڪن جي ملي ڀڳت سان هلندڙ غيرقانوني سرگرمين خلاف جاري ڪوششن تي به اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سخت سائبر سيڪيورٽي اپائن ذريعي قومي سائبر اسپيس جي تحفظ تي زور ڏنو. پڌرائي موجب فورم ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڳنڀير ڀڃڪڙين جو شڪار ڪشميري عوام سان ايڪي جو اظهار ڪندي آزادي واري تحريڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته اسرائيل جي معصوم فلسطينين تي جاري ظلمن ۽ نسل ڪشي جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. فورم پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اعتماد ۽ پيشيوراڻي مهارت حاصل ڪرڻ جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ جو وچن ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.