بابر اعظم جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ۾ ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ بابراعظم جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ناڪامي کانپوءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ مداحن طرفان بابراعظم سميت پوري ٽيم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ان دوران بابر اعظم مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي بابر اعظم جي رٽائرمينٽ جي حوالي سان جعلي پوسٽ وائرل ٿي رهي آهي.
وائرل پوسٽ ۾ بابر اعظم سان منسوب پيغام ۾ لکيو ويو آهي ته تمام گهڻي غور ويچار کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي.
جعلي پيغام ۾ لکيو ويو آهي ته اِهو فيصلو گذريل هڪ سال دوران پنهنجي جي بحالي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب ورتو ويو آهي.
بابر اعظم سان منسوب اِهو ڇرڪائيندڙ جعلي اعلان حقيقت ۾ سندس پيورڊي اڪائونٽس تان پوسٽ ڪيو ويو هو، جيڪو تيزيءَ سان وائرل ٿي ويو.
بابر اعظم ڪرڪيٽ جي ڊگهي فارميٽ ۾ مسلسل ناڪام ثابت ٿي رهيو آهي.
دنيا جي بهترين بيٽرن منجهان هڪ بابر اعظم 16 ٽيسٽ اننگز باوجود ففٽي به اسڪور ناهي ڪري سگهيو، بابر اعظم بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي چئن اننگز ۾ 16 جي ايوريج سان 64 رنسون ٺاهيون!
بابر اعظم آمريڪا ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ۾ آمريڪا خلاف 44، ڀارت خلاف 13، ڪئناڊا خلاف 33 ۽ آئرلينڊ خلاف 32 جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي هئي.
بابر اعظم 26 ڊسمبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف 161 رنسون ٺاهيون هيون، ان کانپوءِ هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ففٽي به اسڪور ناهي ڪري سگهيو.
آخري 16 اننگز ۾ پاڪستان جي نمبر هڪ بيٽر 331 رنسون ٺاهيون آهن، بنگلاديش خلاف هن 11،31،22 0 جي اننگز کيڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.