اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل نعيم بخاري ۽ چيف جسٽس ۾ مڪالمو ٿيو، جنهن تي نعيم بخاري چيو ته توهان وڏو آواز ڪري سمجهو ٿا ته مان ڊڄي ويندس؟ ڊڄڻ وارو ناهيان.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ مونال سميت ٻن ريسٽورنٽس جي بندش خلاف نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ريسٽورنٽ مالڪن جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو اسان ته ريسٽورنٽ مالڪن جي رضامندي سان فيصلو ڏنو هو، جنهن تي وڪيل نعيم بخاري چيو ته اها رضامندي رضاڪاراڻي نه ڏني وئي هئي، ٻه ئي آپشن ڏنا ويا هئا، يا ان ئي ڏينهن بند ڪيو يا وقت وٺو، ريسٽورنٽ جا مختلف شيئر هولڊر آهن، اسان کي ٻڌڻي جو اثرائتو حق نه ڏنو ويو.
نعيم بخاري چيو ته ماضي ۾ ايف آءِ اي ريسٽورنٽ مالڪن خلاف جاچ ڪري چڪي آهي، جاچ ۾ نڪتو ته مالڪن ڪو ڏوهه نه ڪيو، ان تي چيف جسٽس چيو ته مسٽر بخاري آر يو سيريس؟ ايف آءِ اي جو ان سان ڪهڙو ڪم؟ لائسنس جي نواڻ نه ٿيڻ تي ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي وئي ته ڪو ڏوهه ناهي ٿيو، ايف آءِ اي جو ان سڄي معاملي ۾ ڪهڙو اختيار آهي؟
نعيم بخاري چيو ته منهنجي ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا جن جو اختيار نه هو اهي گهڻو ڪجهه ڪندا رهيا، 1954 ۾ ڇا ٿيندو رهيو اها سڀني کي خبر آهي، ان تي چيف جسٽس چيو ته اسان جي پيدائش کان اڳ جا واقعا ٻڌائي اسان تي آڱر نه کڻو.
چيف جسٽس جي ريمارڪس تي نعيم بخاري چيو ته توهان وڏو آواز ڪري سمجهو ٿا ته مان ڊڄي ويندس؟ ڊڄڻ وارو ناهيان، توهان پاڻ ڀٽو ريفرنس ۾ لکيو ته ماضي ۾ ڇا ٿيندو رهيو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اهو بنيادي حقن جو معاملو آهي، نيشنل پارڪ ۾ جانورن جا حق آهن، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو موجود هو پر پوءِ به توهان ڪمرشل سرگرميون ڪيون، توهان قانون جي ڀڃڪڙي ۾ ريسٽورنٽ هلايا، ان تي نعيم بخاري چيو ته لائسنس موجود هو.
ٻڌڻي دوران نعيم بخاري چيف جسٽس کان معافي گهري ورتي ۽ چيو ته منهنجو چيف جسٽس مسڪرائي رهيو آهي، مان آواز اوچو ٿيڻ تي معافي گهران ٿو.
ان تي چيف جسٽس چيو ته معافي گهرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، توهان اسان کان وڏا آهيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪيس سمجهڻ لاءِ ڏکيا سوال پڇڻا پوندا آهن.
پوءِ عدالت نيشنل پارڪ ۾ رهائشي سرگرمين خلاف فيصلي تي نظرثاني اپيلن جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
You might also like