ميٽا اي آءِ جو وڏو ڪارنامو، عورت جي حياتي بچائي ورتائين

ميٽا جي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اسسٽنٽ ميٽا اي آءِ جو استعمال هاڻ ڪمپني جي سمورين سروسز ۾ ڪيو پيو وڃي.
هونئن ته واهپيدار ان اي آءِ چيٽ بوٽ کي مختلف سوالن جا جواب ڄاڻڻ يا تصويرون ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن پر ان ڀارت ۾ هڪ عورت جي حياتي بچائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
جي ها! ميٽا اي آءِ ڀارتي شهر لکنئو سان واسطو رکندڙ عورت جي حياتي بچائي ورتي آهي.
ان اي آءِ اسسٽنٽ طرفان پوليس کي عورت جي آپگهات جي ڪوشش کان خبردار ڪيو ويو هو.
پوليس ان الرٽ تي فوري طور ايڪشن وٺندي عورت جي حياتي بچائي ورتي.
مقامي پوليس موجب 21 ورهين جي عورت پنهنجي مڙس طرفان ڇڏي وڃڻ تي پريشان هئي ۽ ان آپگهات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ان عورت سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ سندس ڳچي ۾ ڦاهو موجود هو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ مقامي پوليس کي ميٽا طرفان الرٽ وصول ٿيو، جنهن کانپوءِ پوليس متحرڪ ٿي وئي.
پوليس اهلڪار فوري طور ان ڳوٺ پهتا، جتي عورت رهندڙ هئي ۽ ان کي آپگهات کان روڪي ورتو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گهر ۾ موجود ٻين ماڻهن کي علم ئي نه هو ته عورت آپگهات جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
پوءِ عورت جي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.