ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي چيف سليڪٽر محمد وسيم انڪشاف ڪيو آهي ته بابر اعظم انتهائي ضدي آهي ۽ سليڪشن ڪميٽي طرفان تجويز ڪيل اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار کي قبول ناهي ڪندو.
هڪ بيان ۾ محمد وسيم پنهنجي چيف سليڪٽر واري دور جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته اسڪواڊ ۾ تبديلين جي حوالي سان بابر اعظم کي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو هو ڇو ته هو هر ڳالهه تي ضد ۽ مزاحمت ڪندو هو.
هن چيو ته بابر ٽيم يا اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران آل رائونڊر عماد وسيم جي انجري لڪائي وئي، هميشه اعظم خان جي فٽنس تي ڳالهايو ويندو آهي پر عماد به ساڳي ئي مسئلي جو شڪار آهي.
محمد وسيم جو چوڻ هو ته عماد کي انڪري اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو ته جيئن هو پنهنجي فٽنس تي ڪم ڪري سگهي.
هن چيو ته مان ڪنهن جو نالو نه کڻندس پر ٽيم ۾ چئن ڪوچن سبب مختلف گروپ ٺهي چڪا آهن جيڪي ڪئنسر جي شڪل اختيار ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪجهه مخصوص رانديگر اسڪواڊ جو حصو هوندا ته پاڪستان نه کٽي سگهندو، مون کين ٽيم مان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽيم انتظاميا کين واپس گهرائي ورتو.
You might also like