راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش راولپنڊي ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست هارائي تاريخي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش سيريز 2-0 تان پنهنجي نالي ڪئي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو پنهنجي سرزمين تي مخالف هٿان وائيٽ واش جو منهن ڏسڻو پيو.
بنگلاديش ٻي ٽيسٽ ۾ 185 رنسن جو هدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
بنگلاديش طرفان ذاڪر حسين 40، ڪپتان ناظم الحسن شانتو38، مومن الحق 34 رنسون ٺائي نمايان رهيا، جڏهن ته شڪيب الحسن 21 ۽ مشفيق الرحيم 22 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
برسات ۽ خراب روشني سبب چوٿين ڏينهن جي راند جلد ختم ڪئي وئي هئي ۽ اڄ مهمان ٽيم پنهنجي ٻي اننگز بنا ڪنهن نقصان جي 42 رنسن تان اڳتي وڌائي.
پنڊي ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن برسات جي ورچڙهي ويو هو ٻئي ڏينهن پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 274 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 262 رنسون ٺاهيو ۽ 12 رنسن جي خساري ۾ هلي وئي.
ان کانپوءِ پاڪستان ٽيم 12 رنسن جي برتري سان پنهنجي ٻي اننگز اڳتي وڌائي ۽ 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي ريت بنگلاديش کي ٻي ميچ کٽڻ لاءِ 185 رنسن جو هدف مليو.
واضح رهي ته ان کان اڳ پنڊي ۾ کيڏيل پهرئين ٽيسٽ ميچ ۾ به بنگلاديش قومي ٽيم کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
You might also like