رياست تي بي اعتمادي جو اعلان، اختر مينگل قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان نيشنل پارٽي ( بي اين پي ) جي سربراهه اختر مينگل قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اختر مينگل چيو ته مان اڄ اسيمبليءَ جي رڪنيت تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيان ٿو، اِها ڳالهه مان ڪنهن کي ناهي چئي پر اڄ هينئر هن پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي رهيو آهيان.
هن چيو ته مان پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪجهه ناهيان ڪري سگهيو، بلوچستان جون حالتون ڏسي فيصلو ڪري آيو هئس، مان رياست، صدر ۽ وزيراعظم تي بي اعتمادي جو اعلان ڪيان ٿو، پوري سسٽم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهيو آهيان.
اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي معاملي تي ماڻهن جي دلچسپي ناهي، مان پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، جڏهن به ان مسئلي تي ڳالهايو بليڪ آئوٽ ڪيو ويو، ملڪ ۾ رڳو نالي جي حڪومت بچي آهي، اهڙي سياست کان بهتر آهي مان پڪوڙن جو دڪان کوليان، مون کان ناراض 65 هزار ووٽرز کان معافي گهران ٿو.
بي اين پي جي سربراهه پنهنجي استعيفيٰ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي، جتي قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽري اِها وصول ڪئي.
ياد رهي ته اختر مينگل اين اي 256 خضدار مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.