لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي نئين چونڊيل ليبر پارٽي حڪومت غير قانوني پناهگيرن کي سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
برطانوي حڪومت 3 سالن جي ڊي پورٽ پروگرام جي پهرئين مرحلي ۾ هن سال جي آخر تائين 11 ملڪن مان 14,000 کان وڌيڪ پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
ان حوالي سان برطانوي گهرو آفيس پناهگيرن کي سندن ملڪ موڪلڻ لاءِ هڪ اشتهار به جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ايندڙ 3 سالن ۾ مهاجرن کي موڪلڻ لاءِ ٽينڊر طلب ڪيا ويا آهن.
جن ملڪن جي پناهگيرن کي واپس موڪليو ويندو انهن ۾ البانيا، بنگلاديش، ايٿوپيا، گھانا، ڀارت، عراق، جميڪا، نائيجيريا، پاڪستان، ويٽنام ۽ زمبابوي شامل آهن.
You might also like