اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جبري گم ڪيل ماڻهن کي فوري ۽ باحفاظت واپس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جبري گمشدگين جي ظالماڻي سرگرمي جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي، ڇو ته اهو عالمي قانونن تحت انسانيت خلاف ڏوهه آهي.
ايڇ آر سي پي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جبري گم ڪيل سمورن ماڻهن جي جلد ۽ محفوظ بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.
هنن چيو ته جن ماڻهن تي ڪنهن به ڏوهه جو الزام آهي، انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي لاڳاپيل قانوني ضابطن تحت منصفاڻي ٽرائل ۽ ضابطي تحت ورتاءُ جو حق برقرار رکيو وڃي.
وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جبري گمشدگين خلاف ترجيحي بنيادن تي قانونسازي ڪري ان کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي، جبري گمشدگين کان تحفظ بابت عالمي ڪنوينشن تي عمل ڪيو وڃي.
You might also like