احمد شهزاد جو چيمپيئنز ڪپ نه کيڏڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اوپنر احمد شهزاد چيمپيئنز ڪپ تان هٿ کڻي ڇڏيو.
لاهور ۾ اولمپيئن ارشد نديم سان گڏ صحافين سان گفتگو ڪندي احمد شهزاد چيو ته مان چيمپيئنز ڪپ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا ڪوڙا واعدا، پسند ناپسند ۽ ڊوميسٽڪ رانديگرن سان ناانصافي قبول ناهي.
سندس چوڻ هو ته پي سي بي مينٽورز تي 50 لک رپيا خرچ ڪري رهيو آهي، اهي ڪجهه ناهن ڪندا، بورڊ ڪرڪيٽ کي پوئتي ڪندڙ رانديگر چونڊيندو آهي.
احمد شهزاد چيو ته ارشد نديم جيان ڪيترائي نوجوان آهن، جن کي سپورٽ گهرجي، مان پي سي بي جي سسٽم کي سپورٽ نٿو ڪري سگهان، جتي ميرٽ جي ڪا حيثيت ناهي، مان پي سي بي جي سسٽم کان پاڻ کي الڳ ڪري رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.