ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کي بجلي جا سمورا ٽيرف سليب ختم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن بجلي جي پيداوار ضرورت کان وڌيڪ آهي ته ٽيرف سليب ختم ڪرڻ گهرجن.
وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري سان زوم تي اجلاس ڪيو جنهن ۾ توانائي واري وزير ناصر شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته غريب عوام کي بلن ۾ عارضي نه مستقل رليف ڏنو وڃي، اسان کي پنهنجي توانائي جو پيداواري اگهه گهٽ ڪرڻو پوندو، پيداواري اگهه گهٽجندو ته عوام کي رليف ملندو.
هن چيو چاهيون ٿا ته 500 يونٽس استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي رليف ڏنو وڃي، بجلي جي پيداوار هاڻي ضرورت کان وڌيڪ آهي ته ٽيرف سليب ختم ڪرڻ گهرجي، هڪ ريٽ تي بجلي استعمال ٿيڻ کانپوءِ غريب عوام کي ٽارگيٽ ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي رليف ڏنو ويندو.
ان تي اويس لغاري چيو ته رليف جو فارمولو ٺاهي صوبن سان شيئر ڪنداسين، وڏو وزير غور ڪرڻ کانپوءِ پنهنجون تجويزون اسان سان شيئر ڪري.
You might also like