ٽنڊوآدم(ن ع آ) ٽنڊوآدم جي ڪني پاڻي جي ھنجورڻ ڍنڍ ۾ تازو پوندڙ تيز طوفاني برساتن کان پوءِ پاڻي جو چاڙھ ٿي ويو آھي جنھن ڪري ڳوٺ فقير محمد پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويو آھي ڳوٺاڻا سخت پريشاني پريشاني جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ لڏ پلاڻ تي مجبور آھن اطلاع ملڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر حنين طارق شاھاڻي، چيئرمين غلام مرتضيٰ جوڻيجو، ڳوٺ جو دؤرو ڪيو ۽ پاڻي جو جائزو ورتو ان موقعي تي ڳوٺاڻن علي خان تنبراڻي ۽ ٻين انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ کي بند ڏياريو وڃي جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگھجي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر حنين طارق شاھاڻي ڳوٺاڻن کي ھر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ٻئي طرف ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي چوٿين ڏينھن به زوردار برسات جو سلسلو جاري رھيو.