ٿر ۾ برسات، گهر ڊهي پيا، مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر تي ڇهين ڏينهن به برسات  سبب ڪيترائي ڪچا گهر پٽ ٿي پيا، مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي آهي .  ٿر تي ڇهين  ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو.  مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڪلوئي،چيلهار سميت ڳوٺن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي هلڪي برسات جاري رهي مٺي ۾ برسات بعد سراڻ ڪالوني ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي،پاڻي گهرن ۽ دڪانن اندر داخل ٿي ويو آهي،جنهن سبب رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن،ڊي سي عبدالحليم جاگيراڻي پاران سراڻ ڪالوني جو دورو ڪري پاڻي نيڪالي جون هدايتون جاري ڪيون،جڏهن سراڻ ڪالوني مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو آهي، اسلام ڪوٽ ۾ تيز برسات سبب مارڪيٽ ۽ ٻين پاڙن ۾ پاڻي بيهي رهيو آهي،اي سي جهامنداس ۽ ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار پاران مختلف علائقن جو دورو ڪري جائزو ورتو،جڏهن ته ٿر جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ مسلسل برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر پٽ پئجي ويا آهن،ڪچن گهرن جي ڪرڻ سبب غريب پورهيتن جو نقصان ٿيو آهي،جڏهن ته مسلسل برسات جاري رهڻ سبب ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت طبقو بيروزگار ٿي ويو آهي، سنڌ سرڪار جي ترجمان عبدالواحد هاليپوٽو مٺي شهر جو تفصيلي دورو ڪري برسات جي پاڻي جي نيڪال واري ڪم جو جائزو ورتو،ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي،چيئرمن سيڊا محمد قبول کٽياڻ، ميونسپل ڪميٽي مٺي جو چيئرمن ڊاڪٽر منوجڪمار ملاڻي،اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي ڪئپٽن رٽائرڊ محمد فريد ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. ضلعي جي سمورين اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ملازمن جون موڪلون رد ڪري آفيسرن کي هيڊڪوارٽر نه ڇڏڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن،هن ٻڌايو ته پراونشنل ڊزاسٽر مئينيجمينٽ ۽ موسميات کاتي سان مسلسل رابطو رکيو پيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.