”پاڪستان ايندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به آمريڪا کان هارائيندو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد آصف اڳڪٿي ڪئي آهي ته سال 2026 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به آمريڪي ٽيم پاڪستان کي شڪست ڏيندي.
يوٽيوب تي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي محمد آصف چيو ته اسان پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ٽيم کان هارائي رهيا آهيون، جيئن پاڪستان جي ڪرڪيٽ هلي رهي آهي، آمريڪا ان کي ٻيهر به هارائيندو.
هن چيو ته 2026 جي ورلڊ ڪپ کان اڳ اسان ڪپتان، ڪوچ ۽ ٽيم تبديل ڪري ڇڏينداسين، سڄي دنيا پلان کڻي هلندي آهي پر اسان وٽ ائين ناهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جا بالر هاڻ فرينڊلي ٿي ويا آهن، کين بائونڊري لڳندي آهي ته کلندا آهن ۽ ايندڙ بال تي وري اها ئي غلطي ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.