پيغام پهچائڻ لاءِ دنيا جي سڀ کان مقبول ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ واهپيدار وصول ٿيندڙ ميسيجن جي نوٽيفڪيشنز سبب پريشان نظر ايندا آهن.
توڙي جو نوٽيفڪيشن بند ڪرڻ ۽ ان جو سائونڊ ميوٽ ڪرڻ جو آپشن موجود هوندو آهي پر ايپ کوليندي ئي ”ان ريڊ“ ميسيجن جي ڀرمار وقت ضايع ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي.
تنهن ڪري هاڻ واٽس ايپ واهپيدارن جي اها پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
واٽس ايپ بيٽا انفو تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته واٽس ايپ چيٽس لاءِ نئين فيچر تي ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪو واهپيدارن لاءِ جلد دستياب هوندو.
ان فيچر جو نالو ”مارڪ آل چيٽس ايز ريٽ“ آهي، جنهن تحت واهپيدار بس ان آپشن جي چونڊ ڪندي هڪ ئي ڪلڪ ۾ سموري چيٽس جا نوٽيفڪيشن ختم ڪري ڇڏيندا.
You might also like