ڪارساز حادثو: عورت ڊرائيور جي ميديڪل رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪارساز حادثي ڪيس ۾ گرفتار گاڏي جي ڊرائيور عورت جي ميڊيڪل رپورٽ پوليس کي وصول ٿي وئي.
ذريعن موجب جوابدار عورت جي يورين جي نمونن ۾ آئس جي موجودگي جي نشاندهي ٿي آهي، جڏهن ته ان جي رت جي نمونن ۾ ڪنهن نشي آور شئي جي نشاندهي ناهي ٿي، پوليس جوابدار جي ميڊيڪل رپورٽ 2 کان 3 ڏينهن لاءِ سيل ڪري ڇڏي آهي.
ميڊيڪل رپورٽ بابت گفتگو ڪندي ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي چيو ته جاچ جاري آهي، کليل ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهيان پر ڪجهه شيون سامهون آيون آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته عورت کي گاڏي ۾ نه هجڻ گهرجي ها.
هن چيو ته ميڊيڪل اٿارٽيز سان ڳالهائيدي حتمي راءِ قائم ڪري سگهنداسين، ان حوالي سان طبي ماهرن جو موقف به حاصل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.