امريڪا ۾ 5 نومبر تي صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ روائتي طور تي 2 وڏيون جماعتون حڪمران ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ سابق حڪمران جماعت ري پبلڪن پارٽي جي وچ ۾ 4 سالن بعد هڪ ڀيرو وري هي وڏو دنگل ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان صدارتي اميدوار ملڪ جي نائب صدر ڪملا هيرس کي چونڊيو ويو
آهي ۽ پارٽي جي قومي ڪنوينشن ۾ هن ۽ نائب صدر لاءِ ٽم والز طرفان باضابطا طور تي آمريڪي نائب صدر لاءِ نامزدگي قبول ڪري ورتي آهي، 60 سالن جو ٽم والز رياست مينيسوٽا جو گورنر آهي ۽ هن کي 2 هفتا اڳ هن عهدي لاءِ چونڊيو ويو هو. جڏهن ته ري پبلڪن پارٽي طرفان آمريڪا جو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ اميدوار آهي ۽ هو پنهنجي خاص قسم جي جذباتي سياست جي چيمپئن ۽ ملڪ ۾ نسل پرستي وارا وڳوڙ اڀارڻ ۽ مخالفن تي سياسي ۽ اخلاقي حملا ڪرڻ ۾ هو تمام گهڻو مشهور آهي. ڊونلڊ ٽرمپ شوبز جي دنيا جي ڪاروبارن ۽ ميڊيا جي اسڪرينن ۽ اخبارن جي سرخين ۾ رهڻ ڪري امريڪا جي سياست ۾طوفان اٿارڻ ۾ خاص مرڪزي حيثيت حاصل هئڻ سان گڏ هو ماڊل گرلز ۽فلمي ستارن سان تعلقاتن سبب هو ان معاملي ۾ چونڊن کان اڳ ئي گهڻو مشهور ٿي چڪو آهي ۽ آمريڪا جي عدالتن ۾ هن تي ماڊل گرلز سان قابل اعتراض تعلقات رکڻ ۽ پنهنجي ڪمپنين مان گهوٻيون هڻي وڏيون رقمون ادا ڪرڻ جا ڪيس پڻ ثابت ٿي چڪا آهن ۽ صرف سزا وارو فيصلو اچڻ باقي آهي . اخلاقي ڏوهن ۾ ملوث قرار ڏيڻ ڪري ٽرمپ يقينن تمام گهڻو دٻاء جو شڪار آهي پر شايد آمريڪا ۾ سياست دانن ۽ ڪاروباري شخصيتن جا اهي معاملا سندن سياسي مقبوليت جي گهٽجڻ يا چونڊن ۾ امڪاني طور تي شڪست جو سبب بنجڻ جو سبب بنجڻ جو ظاهري طور تي ڪو خطرو نه هجڻ ڪري ري پبلڪن پارٽي طرفان پنهنجو صدارتي اميدوار تبديل نه ڪيو ويو آهي ۽ نومبر ۾ ٿيندڙ چونڊن۾ يقينن ڊونلڊ ٽرمپ جو مقابلو ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس سان ئي ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
آمريڪا جي اڳوڻي خاتون اول هيلري ڪلنٽن ڊيموڪريٽڪ نيشنل ڪنوينشن ۾ پنهنجي جماعت جي ڪنوينشن کي خطاب ۾ صدر جو بائيڊن جي حڪمراني ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چوڻ هو ته صدر جو بائيڊن ملڪ جي سياست ۽ حڪمراني جي عمل ۾ وقار آندو ، شائستگي ۽ قابليت واپس وائيٽ هائوس ۾ موٽائي. هن جو چوڻ هو ته ان جو مطلب ڇا آهي ته هو هڪ سچو محب وطن ليڊر ۽ آمريڪا جو باوقار صدر آهي.امريڪا جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس آمريڪا جي موجوده صدر جو بائيڊن سان گڏ 4 سال اڳ نائب صدر چونڊي ويئي هئي ۽ سندس شخصيت ۽ آمريڪا لاءِ ڪيل ڪمن ۽ ادا ڪيل ڪردار کيس پنهنجي پارٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول بڻائي ڇڏيو ۽ آمريڪا جي عوام ۾ پيدا ٿيل حامي سياسي ماحول جي پڙاڏن ڪملا هيرس کي نئين مدت لاءِ صدر جو بائيڊن جي جاء تي اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ جو بائيڊن جي تمام گهڻي خواهش جي باوجود ان کي ٻيو ڀيرو صدر بنجڻ جي خواهش ڇڏڻ ۽ پارٽي کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ پٺتي هٽڻ تي مجبورڪري وڌو. ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪميلاهيرس جي حمايت ۾ پارٽي جو ليڊر ۽ امريڪا جو اڳوڻو صدر بارڪ اوباما پڻ کلي طور تي ميدان ۾ نڪري آيو آهي ۽ هو ڪميلا هيرس جي صدارتي چونڊ مهم ڀرپور نموني هلائي رهيو آهي. بارڪ اوباما جو چوڻ هو ته آمريڪا ڪملا هيرس جي وائيٽ هائوس ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار آهي ۽ هڪ نئين باب ۽ نئين ڪهاڻي لکجڻ جو وقت اچي رهيو آهي. هاڻي ڪملا ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻي ڪري رهي آهي، اهو اسان سڀني تي آهي ته اسان آمريڪا لاءِ وڙهندا آهيون .
شڪاگو ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪنوينشن جي آخري ڏينهن تي ڪملا هيرس پنهنجي نامزدگي جو باضابطا اعلان ڪيو . ان کان علاوه غزا ۾ فلسطينين۽ اسرائيل جي وچ ۾ هلندڙجنگ ۽ دنيا جي سياسي معاملن تي پڻ هن پنهنجي پاليسي واضح ڪندي هن جوچوڻ هو ته، وقت اچي ويو آهي ته غزا جي جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ جي معاهدي تي عمل ڪيو وڃي، ” سندس چوڻ هو ته مان هميشه اسرائيل جي حق لاءِ اٿي بيهندس، گذريل 10 مهينن ۾ غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو انتهائي افسوسناڪ آهي. بائيڊن ۽ مان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون،“ هيرس چيو. ته جيئن اسرائيل محفوظ رهي. انهن جو چوڻ آهي ته اسان يرغمالين کي آزاد ڪرڻ ۽ غزا ۾ مصيبت ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. آمريڪا جي صدارت جي اميدوار ڪملا هيرس جي فلسطينين ۽ اسرائيل بابت پاليسي يقينن آمريڪا جي قومي پاليسي آهي جنهن تي هر حڪومت ان ريت ئي عمل ڪرڻ سان ئي پنهنجا ووٽ ۽ اقتدار حاصل ڪري ۽ مضبوط ڪري سگهي ٿي. آمريڪا ۾ ڪابه جماعت چونڊون کٽي ۽ اقتدار ۽ حڪومت حاصل ڪري پر سندس قومي پاليسي هڪ جهڙي ئي رهي ٿي باقي دنيا جي امن ۽ آمريڪا جي ترقي لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي بهتر آهي پر ويڙهه ۽ جنگن جي حامي طور مشهور جماعت ري پبلڪن پارٽي پڻ آمريڪي قوم کي جارحاڻي پاليسي پيش ڪندي رهي ٿي ۽ اهو آمريڪا جي عوام تي آهي ته هو آمريڪا جي حفاظت، ترقي ۽ دنيا تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪهڙي جماعت جي چونڊ ٿا ڪن.
آمريڪا ۾ هن سال نومبر ۾ صدارتي چونڊن ۾ آمريڪا جي نئين حڪومت قائم ٿي ويندي ۽ آمريڪي حڪومت جو دنيا لاءِ پڻ پاليسيون ڪيئن هونديون ۽ فلسطينين کي انصاف ۽ پنهنجو وطن ڪڏهن ملندو اهو معاملو اڃا واضح نه ٿي سگهيو آهي. فلسطينن تي اسرائيل جي هٿان ظلم اڃا تائين بند نه ٿيا آهن، ان معاملي ۾آمريڪا جي هر حڪومت اسرائيل سان گڏ بيهڻ ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ آمريڪا جي قومي پاليسي جو لازمي حصو بڻيل آهي. اسرائيل جي غزا ۾فلسطينن جي حملن جو سلسلو جاري آهي. شڪاگو ۾ ڊيموڪريٽڪ نيشنل ڪنوينشن جي ٻئي ڏينهن فلسطينين جي حق ۾ مظاهرو ڪيو ويو، پرڏيهي ميڊيا موجب شڪاگو ۾ اسرائيلي قونصليٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو ۽ ان دوران شڪاگو ۾ احتجاج ڪندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آمريڪا، مصر ۽ قطر جي ثالثي سان غزا ۾ جنگبندي لاءِ ڳالهين لاءِ ڪوششون جاري آهن.
گذريل ڏينهن آمريڪي صدر جو بائيڊن جو اهو بيان ميڊيا تي آيو ته هنن ڳالهين ۾ جنگبندي جو معاهدو ويجهو پهچي ويو آهي. جڏهن ته ان حوالي سان حماس پاران آمريڪي صدر جو بائيڊن جي ان بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو ويو جنگبندي جي ويجهو ٿيڻ بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان کي رد ڪندي چيو ويو ته اها هڪ غلط فهمي آهي. جڏهن ته، اسرائيل نئين شرطن کي رد ڪري ڇڏيو آهي . اهڙي صورتحال ۾فلسطينن بابت ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن بهتري ۽ فلسطين جي آزاد رياست جي وجود ۾ اچڻ جا آثار نظر نه اچي رهيا آهن ۽ فلسطينن لاءِ اڃا بي وطني ۽ غلامي جي رات گهٽجڻ وارو ماحول پيدا ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. نئين دور ۾ آمريڪا دنيا لاءِ ڪيئن ثابت ٿيندو ان جو اندازو پڻ چونڊن جي نتيجن سان گڏ واضح ٿي ويندو پر ٿلهي ليکي دنيا جي وڏي طاقت آمريڪا جو اڳوڻو جارحاڻو ڪردار ۽ ان جي مالياتي ادارن جي پاڪستان ۾ جڪڙن ۽ جاري ڪارگذارين ڪري انهن کان ڪنهن گهڻي خير جي توقع به نه آهي.