” دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ ڀارت ۾ رليز ڪئي ويندي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اداڪار فواد خان جي بلاڪ بسٽر پاڪستاني فلم ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ “ ايندڙ مهيني ڀارت ۾ رليز ڪئي ويندي.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪار فواد خان جي ميگا هيٽ فلم ڀارتي پرستارن لاءِ ويهه سپٽيمبر تي سئنما گهرن ۾ پيش ڪئي ويندي.
واضح رهي ته دي ليجنڊ آف مولا جٽ جي ٻي مرڪزي ڪاسٽ ۾ ماهرا خان ۽ حمزا علي عباسي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.