ڪراچي ۾ اسڪوٽي سوار عورت تي ڊمپر چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ اسڪوٽي تي سوار عورت تي ڊمپر چڙهي ويو.
پوليس موجب 23 ورهين جي عورت اسڪوٽي تي وڃي رهي هئي ته روڊ تي برسات جي پاڻي سبب اسڪوٽي سلپ ٿي، جنهن کانپوءِ پويان ايندڙ ڊمپر عورت جي مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ ٿڏي تي فوت ٿي وئي.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ڊمپر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.
پوليس موجب عورت جو لاش جناح اسپتال نيو ويو، هوءَ شانتي نگر بشير وليج جي رهواسڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.