ناراضگي جي نالي تي دهشتگردي قبول ناهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ سان ناراض نٿا ٿي سگهون ۽ توهان پنهنجا مطالبا حڪومت کي پيش ڪيو پر ناراضگي جي نالي تي تشدد قبول ناهي.
اسلام آباد ۾ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪنهن به خوشحال قوم جو بنياد تعليم جي نظام تي هوندو آهي، تعليم جو مطلب رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ نه پر صلاحيتون ڏيکارڻ به آهي، نوجوان تعليم جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن.
هن چيو ته نوجوان ملڪي ترقي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن، اتحاد ۽ رواداري کي هٿي ڏين، انتهاپسندي ۽ نفرت کي رد ڪري ملڪ جون پاڙون مضبوط ڪن.
سندس چوڻ هو ته ملڪ سان ناراض نٿا ٿي سگهون، توهان جا مطالبا ٿي سگهن ٿا، اهو توهان جو حق آهي، مطالبا حڪومت کي پيش ڪيو پر ناراضگي جي نالي تي تشدد ۽ دهشتگردي قبول ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.