پاڪستان بيلسٽڪ ميزائل شاهين 2 جي تربيتي لانچنگ مڪمل ڪري ورتي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان بيلسٽڪ ميزائل شاهين 2 جي تربيتي لانچنگ مڪمل ڪري ورتي.
آءِ ايس پي آر موجب بيلسٽڪ ميزائل شاهين 2 زمين کان زمين تي مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته تربيتي لانچنگ جو مقصد تربيت، ٽيڪنيڪي پيرا ميٽرز جو جائزو وٺڻ هو، جڏهن ته اسٽريٽيجڪ پلانز ڊويزن، آرمي اسٽريٽيجڪ فورسز ڪمانڊ، سائنسدانن ۽ اسٽريٽيجڪ تنظيمن جي انجنيئرن جي سينيئر آفيسرن به تربيتي لانچ جو مشاهدو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽيجڪ پلانز ڊويزن ٽيڪنيڪي مهارت، لڳاءَ ۽ ڪم کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر چيو ته صدر، وزيراعظم، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين ۽ سروسز چيفس سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.