عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائڻ کان منع

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس کي بند ڪرڻ واري نيب جي پراڻي فيصلي کي روڪڻ ۽ رڪارڊ فراهم ڪرڻ بابت عمران خان جي درخواست تي ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ڊويزن بئنچ رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان گڏ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، سلمان اڪرم راجا، عارف علوي، شبلي فراز، علي محمد خان، اعظم خان ۽ ٻيا به عدالت ۾ موجود هئا.ٻڌڻي دوران وڪيل سلمان صفدر چيو ته عمران خان خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، 35 شاهد ٿي چڪا آهن، آخري شاهد جاچ آفيسر کان آڏي پڇا ڪرڻي آهي، الزام آهي ته درخواستگذار جڏهن وزيراعظم هو ته 190 ملين پائونڊن جي منتقلي جي سهولت ڏني، اهو نيب جو ڪيس آهي. پئسا اسٽيٽ بئنڪ ۾ اچڻ گهرجن ها پر رقم سڌي ريت سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي اڪائونٽ ۾ موڪلي وئي. سلمان صفدر پنهنجا دليل جاري ڪندي چيو ته اسان ٽرائل ڪورٽ ۾ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ٽرائل ڪورٽ درخواست رد ڪري ڇڏي، ٽرائل جج لکيو ته جاچ آفيسر هن رڪارڊ جو لکڻ وارو يا ڪسٽوڊين ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيندي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي اربع تائين جواب طلب ڪري ورتو.ان موقعي تي عدالت رمارڪس ڏنا ته عمران خان جا وڪيل ٽرائل ڪورٽ ۾ دير وارا حربا استعمال نه ڪن، جيڪڏهن دير وارا حربا استعمال ڪيا ويا ته عدالت پنهنجو حڪم واپس وٺندي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سلمان صفدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن دير وارا حربا استعمال ڪيا ويا ته نه رڳو اسٽي واپس وٺنداسين پر جلد فيصلو ڪرڻ جو به حڪم ڏينداسين.ياد رهي ته 16 آگسٽ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ٽرائل روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.