پنڊي ٽيسٽ لاءِ ڪهڙا رانديگر قومي پليئنگ اليون جو حصو هوندا؟

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجمينٽ بنگلاديش خلاف 21 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ۾ مڪمل پيس اٽيڪ سان ميدان تي لهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ٽيم مئنيجمينٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾ اسپنر ابرار احمد ۽ ٽاپ آرڊر بيٽر ڪامران غلام کي ٽيسٽ اسڪواڊ مان رليز ڪندي پاڪستان شاهينز جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ابرار احمد، جيڪو پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو هو، هاڻ بنگلاديش اي خلاف پاڪستان شاهينز جي نمائندگي ڪندو، بنگلاديش اي ۽ پاڪستان شاهينز وچ ۾ چئن ڏينهن واري ميچ 20 آگسٽ تي اسلام آباد ڪلب ۾ شروع ٿيندي.
قومي سليڪٽرز کيس ٽيسٽ ۾ بئنچ تي ويهارڻ بدران شاهينز اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن هو 30 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ کان اڳ ميچ پريڪٽس حاصل ڪري سگهي.
ڪامران غلام کي به پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ مان رليز ڪندي شاهينز لاءِ برقرار رکيو ويو آهي ۽ کيس ٻي چئن ڏينهن واري ميچ لاءِ ڪپتان مقرر ڪيو ويو جيڪا ختم ٿيندي ابرار احمد ۽ ڪامران غلام ٻيهر ٽيسٽ اسڪواڊ جوائن ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.