پنجاب ڪنگز جي مالڪياڻي پريٽي زنٽا جو عدالت سان رابطو، ڪارڻ سامهون اچي ويو

چندي ڳڙهه ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز پنجاب ڪنگز جي شريڪ مالڪياڻي پريٽي زنٽا عدالت پهچي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بالي ووڊ اداڪارا پريٽي زنٽا چندي ڳڙهه هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته موهت برمن کي فرنچائز جا ڪجهه شيئرز ٻي پارٽي کي وڪرو ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
رپورٽ ۾ اِهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مشهور بزنس مين موهت برمن وٽ پنجاب ڪنگز فرنچائز جا 48 سيڪڙو شيئرز آهن جڏهن ته پريٽي زنٽا ۽ نيس واڊيا 23، 23 شيئرز جا مالڪ آهن جڏهن ته باقي ڇهه سيڪڙو شيئرز ڪرن پال نالي شخص وٽ آهن.
بالي ووڊ اداڪارا طرفان مبينا طور ٽياڪڙي ۽ مفاهمت ايڪٽ 1996 جي سيڪشن 9 تحت عبوري ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
پريٽي زنٽا طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته موهت برمن کي ڪمپني ۾ پنهنجا 11.5 سيڪڙو شيئر هولڊنگ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو.
چندي ڳڙهه هاءِ ڪورٽ پريٽي زنٽا جي درخواست 22 آگسٽ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لاڳاپيل ڌرين نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته پنجاب ڪنگز جي مالڪياڻي پريٽي زنٽا ۽ موهت برمن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان تڪرار ۽ اختلاف هلندڙ آهي، موهت برمن فرنچائز ۾ 48 سيڪڙو شيئرز جو مالڪ ۽ انڊين پريميئر ليگ جي بورڊ جو رڪن پڻ آهي.
هوڏانهن موهت برمن مٿس مڙهيل سمورا الزام رد ڪندي چيو آهي ته هن جو پنجاب ڪنگز ۾ پنهنجا شيئرز وڪرو ڪرڻ جو ڪو ارادو نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.