” پٽ جو ڪيريئر بچايو وڃي“ احسان الله جي پيءُ جي پي سي بي کي اپيل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) فاسٽ بالر احسان الله جي والد عبدالنصير پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل ڪئي آهي ته سندس پٽ جو ري هيب نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ڪرائي ڪيريئر ختم ٿيڻ کان بچايو وڃي.
احسان الله ڊگهي عرصي کان ٺونٺ جي انجري جو شڪار آهي، ان دوران سندس آپريشن به ٿيو ۽ انگلينڊ ۾ سندس معائنو به ڪرايو ويو جنهن کانپوءِ پي سي بي جي هڪ ڪميٽي احسان الله جي سرجري ۽ علاج تي سوال اُٿاريا ۽ وري سندس ڊگهي ري هيب جي تجويز ڏني.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ان معاملي تي ايڪشن ورتو ۽ سندس مڪمل سار سنڀال جون هدايتون جاري ڪيون ۽ فاسٽ بالر جو ري هيب سندس اباڻي شهر سوات ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احسان الله جي والد عبدالنصير چيو ته سوات ۾ سندس پٽ تي گهربل ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، پٽ جو ري هيپ اين سي اي ۾ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سوات ۾ سهولتون نه آهن ۽ بهترين ڊاڪٽرز به ناهن.
هن چيو ته سندس پٽ جو ڪيريئر بچائڻ لاءِ کيس اين سي اي طلب ڪيو وڃي ته جيئن سندس علاج مڪمل ٿي سگهي ۽ ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.