ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪاروباري ادارا ٽياڪڙي ذريعي مسئلا حل ڪري رهيا آهن، تنهنڪري پاڪستان ۾ به ڪمپنيون ٽياڪڙي لاءِ ماهر رکن.
ڪراچي ۾ آءِ بي اي ۾ ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالتن ۾ 24 لک کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ ججن جو انگ 4 هزار آهي.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪاروباري ادارا ٽياڪڙي ذريعي مسئلا حل ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري پاڪستان ۾ به ڪمپنيون ٽياڪڙي لاءِ ماهر رکن.
دنيا ۾ ڪاروباري ادارا ٽياڪڙي سان مسئلا حل پيا ڪن، پاڪستان ۾ به ماهر رکو: جسٽس منصور
You might also like