ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾اڄ سون جي قيمتن ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون ٽي سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 57 هزار 7 سئو رپين جو ٿي ويو.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 256 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 20 هزار 936 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ست ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 2461 ڊالرز ٿي جو ٿي ويو آهي.
Next Post
You might also like