اسلام آباد/ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جي نئين سسٽم جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب، چوماسي هوائون سڀاڻي شهر تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون جنن سبب ڇنڇر ۽ آچر تي ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان آهي جڏهن ته هيٺاهين علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب، ملڪ ۾ چوماسي برساتن جو نئون سسٽم 25 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
چوماسي هوائن جو سلسلو اڄ سنڌ ۾ داخل ٿيندو جنهن سبب 19 آگسٽ تائين ڪراچي، گهوٽڪي، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، سانگهڙ، ٺٽي ۽ سکر سميت مختلف شهرن گجگوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برسات ٿي سگهي ٿي.
ان کانسواءِ لاڙڪاڻي، دادو، نواب شاهه ۽ خيرپور ۾ وسڪاري بعد هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته دادو مورو پل وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.
برسات سبب روڊ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري مختلف شهرن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته ترن ۽ ڪپهه جي فصل سميت ٻين فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
ٻئي پاسي ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو نئون سسٽم داخل ٿي ويو آهي، پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
وسڪاري سبب پنجاب، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ويو آهي، ڪچن گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي.
نارووال، شڪر ڳڙهه ۽ جهلم سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
شڪر ڳڙهه نالي ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، نالي ۾ ڦاٿل 9 هارين ۽ مالوندن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو.
ڪاغان ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ بند ٿي ويا ۽ ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي آهي.
گلگت بلتستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي وهڪرن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رستو ڪٽجي ويو آهي، استور ۾ تيز برساتن سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو آهي.
بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو، هرنائي، سبي، بولان، جهل مگسي ۽ نصيرآباد ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
پنجاب جي شهري علائقن ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
Prev Post
You might also like