” دل دورو نه پيو هو“ آئمه بيگ اسپتال داخل ٿيڻ جو اصل ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني گلوڪارا آئما بيگ چيو آهي ته کيس هارٽ اٽيڪ نه پر ڊي هائيڊريشن جو شڪار ٿي وئي هئي.
پنهنجي آفيشل انسٽاگرام تي مختلف انسٽا اسٽوريز شيئر ڪندي گلوڪارا واضح ڪيو ته کيس مني هارٽ اٽيڪ نه ٿيو هو پر کاڌي پيتي ۾ ڪوتاهي سبب ڊي هائيڊريشن ٿي وئي هئي.
سندس چوڻ هوته کيس اندازو نه هو ته ماڻهو کيس ايڏو چاهن ٿا، ڪيئي ماڻهو سندس صحتيابيءَ لاءِ دعائون گهري رهيا آهن.
هن ٻڌايو ته سندس بليڊ پريشر 88 مان ٻه سئو تائين هاءِ ٿي ويو هو، جنهن سبب هنگامي صورت ۾ اسپتال داخل ٿيڻو پيو.
گلوڪارا جو چوڻ هوته سندس پنهنجي غلطي هئي، هوءَ ٽن هفتن کان مسلسل سفر ڪري رهي هئي ۽ سفر دوران پنهنجي صحت جو خيال رکڻ مشڪل ٿي ويو هو.
هن صحت جو خيال رکڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀ انسان آهيون، سڀ کان پهرين پنهنجي صحت جو خيال رکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.