جولاءِ سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو قرار

موسمياتي تبديلين جا اثر مسلسل سامهون اچي رهيا آهن ۽ هاڻ سائنسدانن گذريل مهيني کي انساني تاريخ جو گرم ترين جولاءِ قرار ڏنو ويو آهي، هي لاڳيتو 15 هون مهينو آهي جنهن گرم ترين مهيني جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي.
ان کان اڳ جون، جولاءِ، آگسٽ، سپٽيمبر، آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر (2023 جا مهينا)، جنوري، فيبروري، مارچ، اپريل، مئي ۽ جون ( 2024) لڳاتار انساني تاريخ جي گرم ترين مهينا ثابت ٿيا هئا.
آمريڪا جي موسمياتي اداري اين او اي اي موجب، جولاءِ 2024 ۾ سراسري عالمي گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1 ڏهائي 2 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو، انڪري اِهو انساني تاريخ جو گرم ترين جولاءِ قرار ڏنو ويو آهي.
اين او اي اي جي نيشنل سينٽرز فائر انوائرمينٽل انفارميشن جي مانيٽرنگ سيڪشن جي سربراهه ڪرن گلاسين چيو ته ان سلسلي جي شروعات جون 2023 کان ٿي ان دوران 2015 ۽ 2016 ۾ لاڳيتو گرم ترين مهينن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.