ڪراچي (رپورٽ: ماريه اسماعيل )سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي پڪي چالان بابت دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ گهوٽڪي ي ايس ايس پي کان چئن هفتن اندر حتمي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ميرپور ماٿيلي ۾ قتل ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي قتل جو ڪيس پڪو چالان عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي، ڀائر ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران ايس ايس پي گهوٽڪي پاران قتل ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.
عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نصرالله گڏاڻي ڪيس جو جاچ آفيسر تبديل ڪري جاچ ڊي ايس پي حوالي ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي چالان جي اسڪروٽني ٿي رهي آهي، اسڪروٽني مڪمل ٿيڻ بعد چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾پيش ڪيو ويندو.
عدالت ۾ درخواستگذار امان پٺاڻي چيو ته نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ملوث پ پ ايم اين خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻين جوابدارن کي پوليس گرفتار نه پئي ڪري.
سندس چوڻ هو ته ڪيس ۾ گهربل بااثر جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جوابدار پيشيءَ تي به هڪ هزار کان ماڻهو وٺي اچن ٿا، جوابدارن مان سندن حياتي کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
عدالت چيو ته جن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري ان لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي پڪي چالان بابت دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ گهوٽڪي جي ايس ايس پي کان چئن هفتن اندر حتمي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻئي پاسي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي امان پٺاڻي چيو ته نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻيا واسطيدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
هن چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ خالد لنڊ ۽ سندس پٽ حاضري تي هزارين ماڻهن جي پروٽوڪول سان اچن ٿا سندن گاڏين ۾ ماڻهو هٿيار کڻي اچن ٿا ۽ هراسان ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته پوليس جوابدار جي پٺ ڀرائي ڪري رهي آهي،
وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته خالد لنڊ، شهباز لنڊ ، نور محمد لنڊ جوابدار آهن انهن کي عدالت ۾ پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، جوابدار هراسا ن ڪري رهيا آهن .