مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌو نواز گانگهرو 18 آگسٽ تي ننگرپارڪر ۾ مارچ ڪري ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اُنهي سلسلي ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سنڌو نواز گهانگهرو،پنهل ساريو ۽ حمز علي چانڊيو مٺي بعد اسلام ڪوٽ پريس ڪلب پهتا،جتي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌو نواز گانگهرو ۽ پنهل ساريو چيو ته ڪارونجهر رُڳو پٿر جو ڍير نه پر سنڌ جو تاريخي ماڳ آهي،پ پ حڪومت سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪري وڪڻڻ ٿي چاهي،اسان ڪارونجهر جو هڪ پٿر به کڻڻ نه ڏينداسين،هنن چيو ته 18 آگسٽ تي ڪارونجهر ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر ۾ مارچ ڪري ڌرڻو هڻي احتجاج ڪنداسين،اسان سڄي سنڌ کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا،سنڌو نواز گانگهرو چيو ته آئون پاڻ احتجاج کان 3 ڏينهن اڳ ڪارونجهر وڃي رهي آهيان،ٽنهي ڏينهن دوران اُتان جي عوام سان ملاقات ڪري احتجاج جي دعوت ڏيندس،اسان ڳوٺن ۾ وڃي ڪري عورتن کي به احتجاج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گڏ ڪنداسين،اسان سموري سنڌ کي اپيل ڪيون ٿا ته اچو 18 آگسٽ تي ڪارونجهر جي وارثي ڪيون، احتجاج ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي ڪرپٽ حُڪمرانن کي ٻُڌايون ته ڪارونجهر جا ڌڻي جاڳي پيا آهن.