ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪرڻ جي آڇ ٿڏي ڇڏي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني کان انڪار ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني بنگلاديش وٽ آهي.
بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه چيو ته آءِ سي سي اسان کي عالمي ڪپ جي ميزباني جو چيو هو، پر اسان واضح لفظن ۾ انڪار ڪيو هو.
هن چيو ته هن وقت ڀارت ۾ چوماسي جي سيزن آهي ۽ اسان کي ايندڙ سال وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميزباني به ڪرڻي آهي، مان اهڙو ڪو به اشارو نه ٿو ڏيڻ چاهيان ته اسان هڪٻئي پٺيان ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪنداسين، بنگلاديشي اختيارين سان فلحال ڪو به رابطو ناهي ٿيو.
ٻئي پاسي آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جي حالتن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ميگا ايونٽ جي ميزباني بابت جلد فيصلو ڪيو ويندو.
ياد رهي ته آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي بنگلاديش کان منتقلي جو حتمي فيصلو 20 آگسٽ تائين متوقع آهي.
وومين ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ٽي آڪٽوبر کان ويهه آڪٽوبر تائين بنگلاديش ۾ شيڊيول آهي، پر بنگلاديش جي موجودا حالتن سبب اتي عالمي ڪپ ڪرائڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.
You might also like