ايل بي او ڊي ۽ ھاڪڙو، تاريخي پس منظر، غلط پلاننگ ۽ ٻوڏ جو خطرو

تحرير: مينڌرو ڪاجھروي

ايل بي او ڊي (ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرينيج) جو پلان 1965ع واري پاڪ انڊيا جي جنگ بعد رٿيو ويو، جنھن تي 1967 کان پيپر ورڪ شروع ڪيو ويو.ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين بئنڪ جي وڏي سھڪار سان ھن پروجيڪٽ تي 1987ع کان ڪم شروع ڪيو ويو. ورلڊ بئنڪ طرفان ٽوٽل رقم 150 ملين ڊالرن جي قرض طور منظوري ڏني وئي. 1984ع ۾ 19 ارب 86 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، جنھن بعد 1987ع کان باقاعده ڪم شروع ڪيو ويو.لاڳتو 10 سالن جي جستجو سان 16 ڊسمبر 1997ع ۾ ڪم بند ڪري اين ڊي پي حوالي ڪيو ويو.تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جو ٽائيم پيئرڊ رکيو ويو، پر ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو ڪجهه اوڻايون رھجي ويون.

ايل بي او ڊي رٿا جو مقصد خيرپور، نوابشاھ، سانگھڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ بدين جو زھريلو پاڻي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ھو.ايل بي او ڊي بابت ڄاڻ رکندڙ ماھرين موجب ھن ڊرينيج سسٽم ۾ شروعات ۾ 3500 ڪيوسڪس زھريلي پاڻي ڇڏڻ جي گنجائش رکي وئي، پر بعد ۾ واھن جي ڇنڊڻ ۽ مختلف سم نالين کي ھن رٿا ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ 4200 ڪيوسڪس جي گنجائش پيدا ڪئي وئي جيڪا ھن ھن مھل 4600 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏڻ جي گنجائش ڏيکاري پيئي وڃي.ميل ڊگھي ھن رٿا لاءِ9500 ايڪڙ زمين کي سيڙپڪاري لاءِ گھربل ڏيکاري ويئي.ايڪڙ زمين جي بحالي ڏيکاري وئي، جيڪا پوءِ چيو ويو ته ھي رٿا 162850 ايڪڙ زمين جي بحالي ۽ 5 ملين کان مٿي پاڻي نيڪالي ڪرڻ جي امداد مُهيا ڪري ٿي. ڊسمبر 1997ع تي ھن رٿا کي انٽرنيشنل ايسوسيئيشن ۾ داخل ڪيو ويو.ھڪ اميد ڏيکاري ويئي ته 30 جون 2004ع تائين منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. 13 ڊسمبر 2004ع تائين ڪريڊٽ جي بند ٿيڻ جي تاريخ رکي وئي.

بعد ۾ 10 سيپٽمبر 2004 تي ھن رٿا کي نقصانڪار قرار ڏيندي بدين ۽ ٿرپارڪر جا ماڻھو اٿي ويا ۽ 2000 ماڻھن ھڪ درخواست تي صحيحون ڪري انسپيڪشن پينل کي ڏني وئي جنھن درخواست کي ٻڌڻي جوڳي قرار ڏنو. 19 آڪٽوبر تي ان بابت درخواست گذارن کي آگاھ ڪيو ويو ته 89 ڄڻا درخواست ڪندڙ منصوبي خلاف ڳالھائڻ لاءِ بيھي ويا. نيٺ ايل بي او ڊي جو ڪم ڪندڙ ڪمپني ميڪڊونلڊ کي تاحيات نااھل قرار ڏيئي رجسٽريشن خارج ڪئي وئي. يل بي او ڊي جنھن کي شادي لارج کان گذرڻ کانپوءِ نالو ڪي پي او ڊي (ڪڍڻ پٽو آئوٽ فال ڊرينيج) ڏنو ويو. ي پي او ڊي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ وٽ ٽائيٽل لنڪ رکيا ويا، جيڪي وال نما ۽ پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ کي اجازت ڏين ٿا، ۽ سمنڊ جي واپسي ڇوڙ کي روڪين ٿا، پر ماھرن جو چوڻ آھي ته اھي لنڪ سمنڊ جي پاڻي ھيٺ آھن، دٻاءِ جي صورت ۾ پاڻي جي وھڪري کي واپس اڇلائين ٿا ڇوته ھو ھاڻ ڪمزور ٿي چڪا آھن. وڏانھن ايل بي او ڊي ۽ ڪي پي او ڊي جي ميلاپ وٽان پاڻي جو ھڪ وھڪرو ٺاھيو ويو آھي، جنھن کي آر ڊي -17 سڏيو ٿو وڃي، 12 ڪلوميٽر جو ھي وھڪرو اڳتي ھلي ڍورو پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ٿو ڪري.

ھتان کان 17 آر ڊي ۽ ڍورو پراڻ گڏجي شڪور ڍنڍ (24 ھون رڻ) ۾ وڃي ڇوڙ ٿا ڪن، شڪور ڍنڍ جو اڳتي ڇوڙ بند ھجڻ ڪري ايئن چئبو ته ھاڻي ڪي پي او ڊي کانسواءِ ڪو ٻيو لنگھ ناھي.سرزمين ڏسڻ کانپوءِ ٿئي ايئن پيو جو ھن وقت آر ڊي 2011 کان ايل بي او ڊي جو ڍورو پراڻ ۾ ڇڏيل زھريلو پاڻي 17 آر ڊي تائين پھچي ٿو پر شڪور ڍنڍ ڏانھن وڃڻ بدران اتان وري واپسي 17 آر ڊي ذريعي سفر ڪري ايل بي او ڊي ۽ ڪي پي او ڊي جي ميلاپ واري ھنڌ پھچي ٿو، جتان ڪي پي او ڊي ڏانھن روانو ٿئي ٿو.

پر جي پاڻي جو وڏو وھڪرو گذاريو ويو ته ايل بي او ڊي جو پاڻي ڪي پي او ڊي ۾ دٻاءِ جي صورت ۾ 17 آر ڊي جي ذريعي شڪور ڍنڍ ۾ وڃڻ بدران ڍورو پراڻ ۾ ڪرندو ۽ واپس اچي بندن تي دٻاءِ وجھندو.علائقي جي اسٽيڪ ھولڊرز ۽ ايل بي او ڊي ڍورو پراڻ تي مھارت رکندڙ ڪجھ ماھرن جو خيال آھي ته ڍورو پراڻ جا بند کاڌل ھجڻ ڪري پاڻي جي سٽ سھڻ جي قابل ناھن، نتيجي طور تي 7 ديھون ٿرپارڪر جون ۽ 7 ديھون بدين جون ٻڏنديون، جنھن ۾  لکين گھر دربدر ٿيندا، لکين ايڪڙ فصل تباھ ٿيندو ۽ لکين مويشي پڻ تباھ ٿيڻ جو خدشو آھي.ماھرن جي خيال موجب ۽ پراڻين جاري ٿيل رپورٽن موجب ايل بي او ڊي جو زھريلو پاڻي، آڪسيجن دشمن پاڻي آھي، جيڪو آڪسيجن کي کاھي ٿو، لوڻ جو مقدار ججھو ھجڻ ڪري زرخيز زمينون تباھ ڪري ٿو.ايل بي او ڊي جو زھريلو پاڻي ٿرپارڪر ۾ موجود لوڻ کاڻين ۽ سنن کي وڌيڪ تباھي پکيڙڻ جي دعوت ڏئي ٿو.

ٻيو ته مٺي پاڻي جي ڍورو پراڻ ۽ شڪور ڍنڍ ۾ زھريلو ۽ کارو پاڻي ڇڏي علائقي ۾ سامونڊي گھميل ۽ بيمارين سان ڀرپور آبھوا کي دعوت ڏني وئي آھي.جتي زھريلي پاڻي جي پکيڙ کي سوڙھو ڪري ان جي ڦھلاءِ کي محدود ڪرڻ گھرجي اتي ايل بي او ڊي کان سواءِ ڪي پي او ڊي، 17 آر ڊي ۽  ھاڪڙو پراڻ، ڍورو پراڻ ۾ زھريلو پاڻي ڇڏي ساھ وارن جانورن لاءِ ھاڃيڪار ماحول پيدا ڪيو ويو آھي.ڍورو پراڻ يا ھاڪڙو پراڻن جي وھڪرن تي ڪي خاص بند ٻڌل نه آھن، ڪجهھ لنگهھ اھڙا آھن جتان پاڻي جو دٻاءِ سھڻ جي سگهھ ناھي، اتي پٿرن جي پيچينگ جي ضرورت آھي. بند ٻڌڻ ۾ پڻ ٽيڪنيڪل غلطيون ڪيون ويون آھن، ھڪ ته بندن جي اندرين پاڙ مان مٽي ڪڍي بندن تي وڌي ويئي آھي، ٻيو ته بندن جي ٻاھرين پاسا زميندارن جي سروي زمينن مان مٽي کڻي بندن تي وڌي ويئي آھي، جنھن ڪري ھڪ ته بند ڪمزور ٿيا آھن ٻيو کڏا کڻڻ سبب ماڻھن جو اندر ڪري مرڻ يا چوپائي مال جو ڪري مرڻ معمول بڻجي ويو آھي. ٻيوته زرخيز زمينن مان کڏا ڪرڻ سبب زميندارن کي ڀرائي جي مد ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان ڏنو ويو آھن، جڏھن ته اھا مٽي ڍورو پراڻ يا ھاڪڙو پراڻ جي پيٽ مان کڻڻ گھرجي ھا ته جيئن ٻنھي وھڪرن ۾ پيل واري آجي ٿئي ھا ۽ پاڻي جي فلو ۾ پڻ آساني ٿئي ھا ۽ پاڻي بنا رنڊڪ جي سمنڊ ڏانھن سفر جاري رکي سگھي ھا.

ٻنھي وھڪرن جي پيٽ اندر مٽي ڀرجي چڪي آھي جنھن جي ڪابه صفائي ناھي ٿي، وھڪرن اندر ٻيلا ٿي ويا آھن جيڪي پڻ پاڻي جي وھڪرن ۾ وڏي رنڊڪ آھن. مٿان کان پاڻي جو دٻاءِ وڌي سگھي ٿو ۽ اڳتي نيڪالي بند آھي، اھڙي صورت ۾ پاڻي ڄار پتڻ، ونگو پتڻ، پنجتن پتڻ، ڪاٺڙي پتڻ، آر ڊي 2011، 2012 ٻين ھنڌن تي دٻاءِ ڪندو. سمورا ٻنڌ تسلي بخش ناھن، برساتون وڌيون ته گھارن پوڻ جو انديشو آھي ۽ ڇڙواڳ پاڻي کليل ميدانن ۾ ڪاھي پوندو، ڄار پتڻ، کاڙڪ، اٺھ ڊھو، ونگو، ڪلوئي، لس، فانٽس فارم، مھرانڊ، ڍوڍارو فارم، ستون ميل، گل موري، نئون ڪوٽ، سنتورو فارم، روشن آباد ، جھڏو ۽ ٻيا ھيٺائين وارا علائقا شڪور ڍنڍ جو حصو بڻجي سگھن ٿا.خدا نه ڪري جي برساتون اڃان به وڌيڪ پيون ته پوءِ مھرانڊ ڍنڍ کان پاڻي ٿر پيلوڙو دنگ ڪندو جيڪو سڄي ٿر لاءِ ھاڃيڪار وھڪرو ھوندو. (هلندڙ)

 

 

ھوڏانھن ڳوٺ لوءِ ۽ ڳوٺ گڏر وارا علائقا پڻ خطرناڪ صورتحال کي دعوت ڏيئي رھيا آھن. ايل بي او ڊي جي کاري پاڻي جو ڇوڙ ڍورو پراڻ ۾ برقرار رکيو ويو ته لوڻ جي کاڻين تي اٽيڪ به ٿي سگھي ٿو. اھا صورتحال سڄي ٿرپارڪر کي سمنڊ جي وات ۾ ڏيڻ جي برابر ھوندي.

ڪجهھ ماھرن جو اھو به چوڻ آھي ته شڪور ڍنڍ جو اڳتي ڇوڙ بند ٿي چڪو آھي تنهن ڪري پاڻي کي پنھنجي گنجائش آھر برداشت ڪري سگھي ٿي. نيٺ ڪٿان نه ڪٿان فاٽ کائي سگھي ٿي، ان صورتحال ۾ ٿرپارڪر ۽ بدين ٻٽي عذاب ۾ ڦاٿل ڏسجن ٿا.ڍورو پراڻ تي مختلف ٻن ھنڌن ڳوٺ ھوت لنڊ وٽ پنجتن پتڻ ۽ ڳوٺ عجيچ فقير وٽ ڪاٺڙي پتڻ  تي ڪاٺين جون جگاڙي پلون ٺاھيون ويون آھن.اصل ۾ ڍورو پراڻ مٺي پاڻي جو وھڪرو رھيو آھي، مٿان کان برساتن جو ايندڙ پاڻي کڻي وڃي شڪور ڍنڍ ۾ اڇلائيندو ھو، ماڻھن کي گذرڻ جي تڪليف رڳو برساتن جي موسم ۾ ٿيندي ھئي باقي ته سڪل ھوندو ھو جنھن ڪري ماڻھو آساني سان لنگھي ويندا ھئا، برساتن ۾ وري ٻيڙيون بيھاري ان وسيلي اچ وڃ ڪندا ھيا، ھاڻي جڏھن کان کارو پاڻي ڇڏيو ويو آھي ته ماڻھو ٻارنھن ئي مھينا عذاب ۾ آھن، کارو پاڻي ڇڏڻ وارن وري عوام تي ٿورو ڪندي ڪاٺين جون جڳاڙي پلون ٺاھي ورتيون، جنھن تان پير سلپ ٿيڻ ڪري پنجتن پتڻ تي 4 ماڻھو ۽ ڪاٺڙي پتڻ تان 2 ماڻھو ٻڏي مري ويا.

ڪاٺڙي پتڻ تي پل جو ڍانچو قائم ٿي چڪو آھي پر 8 سالن کان پل تيار نه ٿي سگھي آھي. ماڻھو عذاب ھيٺ آھن، ڪجھ ڏينھن اڳ ميڊيا جي ٽيم تعميراتي رولڙي جو شڪار پل تي پھتي ته اتي موجود ڪجهھ ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو.ڳوٺاڻن جو جھنگ ۾ پرامن احتجاج انتظامي لابي کي برداشت نه ٿيو ۽ پوليس اٽالا آڻي ڳوٺاڻن کي کنڀي ويا ۽ مٿن کوسڪي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو.

پوليس جي هراسان ڪرڻ جون لاڳيتو ڪاروايون ميڊيا ۾ رپورٽ ٿينديون رھيون.ميڊيا ۾ اھي به خبرون پڙھڻ لاءِ مليون ته ڪاٺين جي پل ڪراس ڪندڙ لنڊ برادري جي ٻچن ٻارن تي پوليس ھٿيار به تاڻيا، ھلون ڪيون، ڊيڄاريو جنھن ڪري عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ھڪ عورت نالي آمنت جو حمل ضائع ٿي ويو جيڪا بدين جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ايل بي او ڊي ۽ ڪي پي او ڊي جي ميلاپ کان شڪور ڍنڍ 70 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي،جڏھن ته ڪي پي او ڊي وٽان آر ڊي 17 تي ھڪ دڪو ٻڌل آھي، جنھن کي چائنا دڪو چيو وڃي ٿو،ھن دڪي بابت اسٽيڪ ھولڊرن جو چوڻ آھي ته شڪور ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ تي انڊيا کي اعتراض ٿيو، ھن اقوام متحده ۾ درخواست داخل ڪئي، جنھن تي چائنا ٽياڪڙي ڪئي ۽ ان ٽياڪڙي جي بنياد تي اھو دڪو لڳايو ويو، جنھن کي چائنا دڪو چيو وڃي ٿو.جتان پاڻي شڪور ڍنڍ مان وڃڻ بدران واپس ڪي پي او ڊي ۾ ڪري ٿو.آر ڊي 110 تي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھندڙ پل 8 سالن کان رولڙي جو شڪار آھيٺيڪيدار غائب آھي، ڪم نه ٿيڻ جي ڳوٺاڻن نشاندھي ڪئي ۽ احتجاج ڪيو ته ٺيڪيدار ۽ سرويئر گڏجي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو ۽ مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.حڪومت کان جاري ٿيل فنڊن جو پڇاڻو ڏوھ بڻجي ٿو وڃي۽ ڳوٺاڻن تي عذابن جا پھاڙ ڪيرايا ٿاوڃن.آر ڊي 211 وٽ ايل بي او ڊي تي لڳل گيٽن تي اربين رپيا لاڳت ٻڌائي پئي وڃي.جڏھن ته ميڊيا ۾ جاري ٿيل انگ اکرن مطابق 14 ارب رپين جي لاڳت جو تعميراتي ڪم ڄاڻايو پيو وڃي، جنھن ۾ ايل بي او ڊي، ھاڪڙو پراڻ ۽ ھاڪڙو ڍورو جي ڪنارن کي مضبوط ڪرڻ، وھڪرا صاف ڪرڻ، وڻ وڍڻ ۽ کوٽائي ڪري مٽي ڪڍڻ شامل آھي، پر ڪٿي ته ڪوبه ڪم ناھي ٿيو.

تازو سنڌ جي وڏي وزير ايل بي او ڊي تي آر ڊي 211 تي لڳل گيٽن جو افتتاح ڪيو ۽ نيوي چڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نوڪرين جو اعلان ڪري ماڻھن کي آٿت ته ڏني پر برساتن وڌڻ جي صورت ۾ ايندڙ ٻوڏ بابت نه صلاحون ڏنيون، نه بريفنگ ورتي، نه ئي ڪمزور ڪنارن جو معائنو ڪيو، نه ئي ڪاٺين جي پل تان ڪري فوت ٿيلن جي وارثن وٽ ويو، نه ئي سندن معاوضي جو اعلان ڪيو نه ئي حفاظتي اپاءِ وٺڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.