ملڪ ۾ ” فائر وال سسٽم“ لاڳو، رياستي ادارا سوشل ميڊيا سرگرمين جي نگراني ڪندا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا فيسبڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام ۽ ٻين پليٽ فارمز تي سيفٽي فائر وال جو ٻيو ۽ آخري ڪامياب تجربو مڪمل ڪيو ويو آهي.
” فائر وال“ هڪ اهڙو سسٽم آهي، جنهن تحت رياستي ادارا انٽرنيٽ تي ٿيندڙ سرگرمين تي نظر رکي سگهندا، يعني جيڪو به واهپيدار انٽرنيٽ يا سوشل ميڊيا تي جيڪا شئي اپلوڊ ڪندو، پهريان اِهو مواد، فائر وال ۾ ويندو ۽ اتا گذري اِهو ان جاءِ تي ويندو جتي صارف اِهو اَپ لوڊ ڪرڻ چاهيندو.
يعني ڪو همراهه جيڪڏهن يوٽيوب تي وڊيوز کي اپلوڊ ڪندو ته پهريان ڄاڻايل مواد ” فائروال “ سسٽم ۾ ويندو ۽ اتان گذري يوٽيوب تائين ويندو ۽ ائين ئي يوٽيوب تي ڏٺو ويندڙ مواد پهريان فائرل وال تي ويندو، جتان کان اِهو صارف تائين پهچندو.
سولن لفظن ۾ فائر وال صارف جي انٽرنيٽ ڊيٽا جو اسٽاپ هوندو، جتي موڪليل ۽ ٻئي هنڌان حاصل ڪيل ڊيٽا ڪجهه لمحن لاءِ اسٽاپ ڪندي.
فائر وال سسٽم تي هلندڙ سال جنوري ۾ ڪم شروع ڪيو ويو هو ۽ سسٽم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ آزمائش شروع ڪئي وئي ۽ گذريل مهيني جولاءِ ۾ ان جي ٽيسٽنگ شروع ٿي، جنهن سبب سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سست ٿي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان آءِ ٽي وزارت ۽ پي ٽي اي اختياريون خاموش آهن ۽ انهن طرفان سموري معاملي جي تصديق يا ترديدناهي ڪئي وئي.
ذريعن موجب، آءِ ٽي وزارت جي سينيئر آفيسر جو چوڻ آهي ته اِهو پي ٽي اي سان لاڳاپيل معاملو آهي پر پي ٽي اي جي سينيئر عملدارن رابطو ڪرڻ تي ڪنهن به قسم جو جواب ناهي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.