ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 77هون آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
آزادي جي ڏهاڙي جي شروعات وفاقي راڄڌاني ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21- 21 توپن جي سلامي سان ٿي، ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.
پاڪستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي شهيدن لاءِ خصوصي طور قرآن خواني جو انتظام ڪيو ويو.
ان موقعي تي تحريڪ آزادي پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته وطن جي سلامتي لاءِ قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن سان به ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو.
جشن آزادي جي ڏهاڙي تي قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي واري تقريب ٿي.
سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري توڙي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا.
صدر ۽ وزيراعظم پاران قوم کي يومِ آزادي جون مبارڪون
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف 77هين آزادي جي ڏهاڙي تي عوامي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي تي سڄي قوم کي مبارڪ پيش ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته پرامن ۽ جمهوري جدوجهد ذريعي پاڪستان جو قيام تاريخ جو هڪ بيمثال ۽ بينظير باب آهي، هو ملڪ لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏيندڙ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
صدر آصف علي زرداري چيو ته موجودا چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي اتحاد، سلامتي ۽ معاشي استحڪام لاءِ عزم ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم پنهنجي ابن ڏاڏن ۽ تحريڪ پاڪستان جي گمنام هيروز جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي، جن لکين مسلمانن جي جان بچائي، ڏکڻ ايشيا ۾ ڪروڙين مسلمانن لاءِ هڪ آزاد ملڪ لاءِ جدوجهد ڪئي، جتي هو پنهنجي عقيدن ۽ قدرن موجب زندگي گذاري سگهن.
سندس چوڻ هو ته هو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني عوام کي دلي مبارڪ ڏئي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان خوداراديت جي بنيادي حق ملڻ تائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
You might also like